تنتي سرشتو

تنتي سرشتو

تنتي سرشتو

تنتي سرشتو: انسان جو تنتي سرشتو تمام ڪارائتي شيءِ آهي، جنهن ۾ دماغ ۽ ان سان ڳنڍيل سڄي جسم جون تنتون شامل آهن. تنتي سرشتو انسان کي بک، ڏک، ڏسڻ وائسڻ، چکڻ، سونگهڻ، ٻڌڻ، سوچڻ، ياد ڏيارڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مدد ڪري ٿو.
انسان جي مٿي ۾ کوپڙيءَ جي هڏي اندر جيڪو انچ جي چوٿين حصي جيترو ٿلهو آهي، ان ۾ مغز موجود رهي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ وَرَ وَڪَڙن وانگر، ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. (1) وڏو مغز، (2) ننڍو مغز ۽ (3) مستطيل مغز. مغز جون سڄي جسم ۾ بي شمار تارون وڇايل آهن، جيڪي جسم جي خبرچار لهي، مغز تائين پهچائين ٿيون. انهن مان هڪڙيون تنتون چمڙيءَ جي اندر ذري ذري ۾ ٿين ٿيون. ٻئي قسم جون تنتون مغز کان نڪري مشڪن تائين وڃن ٿيون، اهي مشڪن کي سُسَڻ ۽ ڦنڊڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. انسان ۾ هڪ اندازي موجب 30 هزار تنتون ٿينديون آهن، جيڪي سڄي جسم ۾ پکڙيل آهن ۽ هرهڪ تنت کي وري شاخون ۽ پاڙون هونديون آهن. مغز ۾ مغزي ڏوري به هوندي آهي، جيڪا سَنڌن کان شروع ٿي، ڪرنگهي کان هيٺ لهي ٿي. هن جو ڪم تنتن جون خبرون مغز تائين پهچائڻ ۽ انهن کي طاقت ڏيڻ آهي.


لفظ تنتي سرشتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو